اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) بينظير تعليمي وظيفن واري پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 18 لک ٻار هن وقت تائين رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ان ۾ اڃا تائين 6 ڪروڙ 33 لک رپيا ورهايا ويا آهن. هلندڙ مالي سال دوران 2 ڪروڙ 34 لک رپيا ورهايا ويا. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق هن پروگرام تحت پرائمري ۾ تعل??م حاصل ڪندڙ ڇوڪرن کي ٽه ماهي 1500 رپيا جڏهن ته ڇوڪرين کي 2 هزار رپيا، سيڪنڊري ??طح تي ڇوڪرن کي 2500 رپيا جڏهن ته ڇوڪرين کي 3 هزار رپيا، هاءِ سيڪنڊري ??طح جي اسڪولن تي ڇوڪرن کي 3500 رپيا جڏهن ته ڇوڪرين کي 4 ??زار رپيا في ڪس ڏنا ويا آهن. بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پراجي??ٽ تحت هڪ لک 2 هزار اسڪالرشپ لاءِ 38 ارب رپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي. هي پروگرام 27-2026ع تائين جاري رهندو.