اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پاڪ يورپي ي??ني?? ڪائونٽر ٽيررازم ڊائ??لا?? 27 اپريل تي برسلز ۾ منعقد ٿيو. ڊائ??لا?? 2019ع جي اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي وسيع تر مشغوليت جي حصي طور دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي پرزور مذمت ڪئي ۽ پرتشدد انتهاپسندي، آف لائين ۽ آن لائين بنياد پرستي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي وڌائي دهشتگردي جو گڏيل مقابلو ڪ??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گهڻ رخي فورم جهڙوڪ گڏيل قومن ۽ گلوبل ڪائونٽر ٽيررازم فورم ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊائ??لا?? افغانستان جي صورتحال جي وسيع تر سلامتي جي خطرن سميت علائقائي ۽ عالمي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اجلاس دهشتگردي جي وڌ??دڙ خطرن سان پيدا ٿي??دڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مدد جا ٺوس طريقا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪيو. لاڳاپيل وفدن جي قيادت يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ۾ ڪامن سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس پاليسي جي مئنيجنگ ڊائ??يڪ??ر بينيڊڪٽا وون سيهر ٿوس ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۾ دهشتگردي جي ڊائ??يڪ??ر جنرل عبدالحميد ڪئي.