اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي ڪ??ي پي ٽي وي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محروم رهيو، اسان اقتدار ۾ اچي فوري ڪ??رروائي ڪ??ي ۽ ٽين اسپورٽس سان معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪ??ي پي ٽي وي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي سگهيا. قومي اسي??بل?? ۾ شگفته جماڻي جي سوال جي ??وا?? ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ۾ راندين جا عالمي مقابلا ڏيکارڻ جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ميڊيا سان معاهدن جي لاءِ هڪ سيل قائم ڪيو آهي، راندين جي مقابلن کان هڪ سال اڳ انهن معاهدن جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ٿي پر اڳوڻي حڪومت ان حوالي سان ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو، پي ٽي وي جي اسڪرين کي اهي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محروم رکيو ويو پر جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان فوري ڪ??رروائي ڪ??ي ۽ ٽين اسپورٽس سان معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪ??ي پي ٽي وي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي سگهيا، اسان ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ آزاد ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جي رپورٽ کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. صلاح الدين جي سوال جي ??وا?? ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته ريڊيو ۽ 20 علائقائي زبانن جا 300 پروگرام روزانو ٿين ٿا. هن چيو ته غيرمسلمان پاڪستانين جي مذهبي رسمن ۽ تهوارن جي حوالي سان به ۽ علائقائي زبانن ۾ پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا. شگفته جماڻي جي سوال جي ??وا?? ۾ پارلياماني سيڪريٽري شهباز بابر چيو ته پي ٽي وي سدائين راندين جون سرگرميون ڏيکاريون آهن، اسان جي حڪومت 2022ع ۾ آئي، ان کان اڳ اڳوڻي حڪومت فيفا سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪي هئي، ان معاملي جي جاچ ٿي رهي آهي جلد رپورٽ ايندي. شيخ روحيل اصغر جي سوال جي ??وا?? ۾ شهباز بابر چيو ته پي ايس ايل جا مئچ به ان لاءِ نه ڏيکاريا ويا ڇو ته هڪ نجي ٽي وي چينل کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان معام??ي تي به ڪارروائي جاري آهي. يقين ڏياريان ٿو ته اڳتي پي ٽي وي سموريون مئچون ڏيکاريندو.