اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي، پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظها?? وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽرينز جي 18 ر??ني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ وزيراعظم پارليامينٽ ۾ عورت پارليامينٽرينز جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتون پاڪستان جي آبادي جو 51 سيڪڙو آهن، قانونسازي ۾ عورتن جي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. حڪومت هر شعبي ۾ عورتن جي شموليت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن ادارن جي وچ ۾ توازن جو ضامن آهي. پارليامينٽ کي انتظامي معاملن ۾ بهتري جي لاءِ قانونسازي جو اختيار حاصل آهي. پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا جن ۾ عورتن جي ح??ن جي ح??الي سان قانونسازي پڻ شامل هئي.