اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ انهن شعبن ۾ تعاو?? کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن ج?? کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن 9 جنوري 2023ع تي پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ سسٽر ا??ٽي?? ريزوليوشن تي صحيحون ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته پنجاب ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ڪا??وب??ر کي راغب ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وفد جو دورو پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ لاڳاپ?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻين اسيمبلي ميمبر?? کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. صدر ٻنهي ملڪن جي يونيور??ٽي?? جي وچ ۾ تعاو?? کي وڌائڻ ۽ شاگردن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جا موقعا ??ولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر تجويز ڏني ته آمريڪي يونيور??ٽي??ن پاڪستاني شاگرد?? کي لائيو ليڪچر فراهم ڪري سگهن ٿيون. هن عورت?? کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي. هن وفد کي بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو جيڪا پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آمريڪي وفد زراعت جي شعبي بابت ٽيڪنالاجي جي منتقلي سميت زراعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ سان گڏوگڏ تعليمي شعبي ۾ تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا جي پروگرامن تي پڻ زور ڏنو. وفد موسمياتي تبديلي جي چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد اهو به ٻڌايو ته ڪيليفورنيا ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي ان جي ٽرانسپورٽ ۽ زراعت جي شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.