اسلام آباد – 10 – ??يب??وري (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ سياسي مشاورت جو 14 هون دور جمعي ڏينهن پيرس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خا?? ۽ ان جي فرانسيسي هم منصب ايني ميري ڊيسڪوٽس جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب سياسي مشاورت ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر اسد مجيد خا?? ۽ ايني ميري ڊيسڪوٽس ٻطرف?? تعاون جي لاءِ پاڪستان فرانس روڊ ميپ تي صحيحون ڪيون. ڳالهه ٻ??لهه ۾ سياسي، اقتصادي، ترقي، دفاع، سلامتي، تعليم، ثقافت، گهڻ رخي ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪ??و ويو.