اسلام ??باد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اڀرندڙ ڊيجيٽل نشرياتي نظام ??ابت هڪ مذاڪري ۾ مقررين ان نظام ??ي اهم ادارن جي وچ ۾ رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ??ه جيئن ان کي اجتماعي طور تي فروغ ملي ۽ اهو مثبت ۽ تعميري انداز ۾ قوم جي بهتر طور تي خدمت ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار FMs اسٽريم چ??نل ۽ OTT پليٽ فارمز جي نمائندن ان مذاڪري ۾ ڪيو جنهن جو اهتمام پا??ست??ن براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي تقريبن جي سلسلي ۾ ريڊيو پا??ست??ن هيڊڪوارٽرز اسلام ??باد ۾ ڪيو. مختلف نجي ايف ايم چ??نلز، اسٽريم چ??نلز ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي سربراهن، تعيلمي ماهرن ۽ صحت جي شعبي جي ماهرن مذاڪري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. انهن جو چوڻ هو ته پرائيويٽ ايف ايم چ??نلز ماڻهن کي وڌيڪ موثر انداز ۾ معلومات ۽ تفريح فراهم ڪرڻ ۾ ريڊيو پا??ست??ن وٽ موجوده پروگرامن ۽ معلومات جي قيمتي ذخيري مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ريڊيو پا??ست??ن ميڊيا جي شعبي ۾ معياري انساني وسيلن جي تخليق جي لاءِ تعليمي ادارن سان تعاون به ڪري سگهي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ريڊيو پا??ست??ن ۽ پا??ست??ن ٽيليويزن وٽ اطلاعات ۽ معلومات جو قيمتي اثاثو موجود آهي ۽ ان جي دستيابي عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ نظام ??وڙيو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ ريڊيو پا??ست??ن جي وسيع تر پهچ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي ذريعي ان قومي نشرياتي اداري جي نشرياتي اوزارن جو معيار بلند ڪيو پيو وڃي ته جيئن آواز جو معيار بهتر ٿي سگهي. ريڊيو پا??ست??ن جي ڊائريڪٽر جنرل طاهر حسن ڳالهائيندي چيو ته ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ جي نئين رجحانن جي گهرج آهي ??ه لاڳاپيل ادارن ۾ رابطي کي فروغ ڏنو وڃي. هن سرڪاري نشرياتي اداري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٿيندڙ قدمن کي اجاگر ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايف ايم 105 جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ذوالفقار علي شاهه چيو ته عوام ??ي وسيع تر مفاد جي لاءِ اسان ريڊيو پا??ست??ن سان تعاون جي لاءِ تيار آهيون. هڪ آءِ ٽي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وهاج سراج چيو ته اڄ نشرياتي ميديا کي تخليق ۽ جدت جي حوالي سان ڪيترائي مسئلا درپيش آهن ۽ اسان جي خيال ۾ روايتي طريقن کان هٽي ڪري ان جو حل ڳولڻ گهرجي. ريڊيو انجنيئرنگ ڪمپني جي سي اي او ڊاڪٽر جاويد هارون قريشي چيو ته ريڊيو پا??ست??ن موثر مواد جي تخليق سان مالامال آهي ۽ اسان کي ان جي اشاعت ڪرڻي. ڊپارٽمينٽ آف سوشل سائنسز نسٽ جي ڊين ڊاڪٽر سلميٰ صديق چيو ته نسٽ نوجوان نسل کي نشريات جي تربيت ڏيڻ جي لاءِ تربيتي اڪيڊمي قائم ڪرڻ جي لاءِ ريڊيو پا??ست??ن سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آءِ ايم ڊي سي جي سي اي او ڊاڪٽر ياسر نياز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته انهن جو ادارو عوام ۾ صحت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ تعليم جي فروغ ۾ ريڊيو پا??ست??ن سان تعاون ڪندو. چائنا ميڊيا گروپ جي تصور زمان چيو ته ريڊيو پا??ست??ن ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل ۾ حصيداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي فروغ ۽ عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ موثر ثابت ٿي رهي ??هي. پا??ست??ن اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي مان وڪيل خان چيو ته پيمرا ريڊيو جي صنعت جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ عوام کي بهتر انداز ۾ تعليم ۽ تفريح فراهم ڪندو رهندو. مرڪزي تقريب ريڊيو پا??ست??ن اسلام ??باد ۾ ٿي جنهن جي ميزباني ناليواري صحافي، تجزيه نگار ۽ ريڊيو پا??ست??ن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڪئي. اهڙي طرح جا مذاڪرا پي بي سي جي صوبائي هيڊڪوارٽرز لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ پڻ ٿيا.