پشاور – 30 – ج??ور?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ايل آر ايڇ پهچڻ تي نگران وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، آءِ جي پوليس معظم جاه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو و??اق?? وزير خواجه محمد آصف، و??اق?? گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب ۽ صوبائي ??ڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آر ايڇ جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ??ه زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.