اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي. وزيراعظم جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس پريس ونگ موجب وزيراعظم شهباز ??ريف جنرل ساحر شمشاد مرزا جي آرمي جي پيشيواراڻي معاملن ۾ قابليت ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته فوج قوم جو قيمتي اثاثو آهي، قابل ترين آفيسرن جي قيادت ملڻ سان ملڪ جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ملاقات ۾ هٿياربند فوج جا پيشيواراڻي معاملا غور هيٺ آيا. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.