اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري اداڪار ڪاميڊين اسماعيل تارا جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اداڪاري ۽ مزاح جي شعبي ۾ اسماعيل تارا جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ص??ر چيو ته اسماعيل تارا هڪ سٺو اداڪار ۽ ڪاميڊين هو، هن پنهنجي اداڪاري سان مسڪراهٽون ۽ خواهشو?? پکيڙيون. صدر ڏکويل خاندان سان همدردي جو اظهار، صبر جميل جي دعا ۽ مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا ??ئي.