رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ع??لم?? معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حل بابت گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، سعودي عرب ۽ ع??لم?? دنيا کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، اسان صحت ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا، نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته اڄ جو هي فورم وڏي اهميت رکندڙ آهي، مستقبل جي حوالي سان سعودي قيادت جو و??زن ساراهه جوڳو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ولي عهد محمد بن سلمان نه رڳو سعودي عرب پر ٻين ملڪن جي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحرڪ آهي، اسان کي بهتر مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان وٽ ذريعا ۽ ٽيڪنالاجي موجود آهي، ان جا سڀ کان وڌيڪ اثر انسانيت تي پوندا، هن وقت ٽيڪنالاجي تي حقيقي منتقلي جو و??ت آهي، ان موقعي مان فائدو کڻندي اسان سماجي، معاشي، موسم??ات?? تبديليون آڻي سگهون ٿا، قدمن ۽ انوويشن جي ذريعي ان تبديلي کي پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستاني پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪاميابي جي لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته ع??لم?? معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حل بابت گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، معيشت جي بهتري لاءِ اي ڪامرس جو فروغ لازمي آهي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ عورتن جو بااختيار هجڻ ضروري آهي، معيشت جي بهتري لاءِ عورتن کي مردن سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، اسان صحت ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا، اسان شاگردن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ وظيفا ڏنا، آبادگارن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ وقت سر ادائيگيون يقيني بڻايون، مستحق نوجوانن ۾ لکين ليپ ٽاپ مفت ورهايا، لاهور ۾ هائي ٽيڪ سيف سٽي قائم ڪيو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمارٽ اسڪول قائم ڪيا، پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوان طبقي تي ٻڌل آهي، اهي نوجوان ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چ??و ته پاڪستان فري لانسنگ جي حوالي سان چ??ٿون وڏو ملڪ آهي، پاڪستان جي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿي، سڀني جي لاءِ صحت جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، اسان جي حڪومت نوجوانن کي انوويشن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن چ??و ته موسم??ات?? تبديلي اڄ جي دور جو وڏو چئلينج آهي، ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسم??ات?? تبديلين جي ڪري پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، ٻوڏ جي ڪري بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڏو نقصان ٿيو، موسم??ات?? تبديلين کان متاثر ملڪن جي ع??لم?? سطح تي مدد ڪرڻي پوندي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک متاثر جڏهن ته 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، ٻوڏ سان پاڪستان ۾ لکين گهر تباهه ٿيا، ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن جي امداد تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ شمسي توانائي جو منصوبو متعارف ڪرائي چڪا آهيون، شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پراميد آهيون، حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ شمسي توانائي حاصل ڪرڻ جي وسيع صلاحيت موجود آهي، اسان شمسي ۽ هوا جي ذريعي توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پراميد آهيون، سعودي عرب ۽ ع??لم?? دنيا کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چ??و ته موجوده دور جي ڪلين انرجي انتهائي اهم آهي، اسان بهاولپور ۾ هڪ هزار ميگاواٽ جي پيداواري صلاحيت وارو سولر پارڪ قائم ڪيو، اسان تيل ۽ گئس درآمد ڪريون ٿا، سڄي دنيا ۾ ان جون قيمتون بلند ترين سطح تي وڃي رهيون آهن، پاڪستان جي معيشت اسرندڙ ملڪ هجڻ جي حيثيت سان وڏو درآمدي بل برداشت نه ٿي ڪري سگهي، اسان ريلوي، بندرگاهن سميت ٻيا بنيادي ڍانچا بهتر بڻائي رهيا آهيون، اسان نجي ڪاروباري ادارن جي معيشت ۾ شموليت کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چ??و ته پاڪستان ۾ هايئر ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز آهن، انهن مان ڪنهن هڪ يونيورسٽي ۾ سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪري سگهجي ٿو جنهن جي ذريعي پاڪستان ۾ مارڪيٽ جي ضرورت موجب اسان جي نوجوانن جي انوويشن جي صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو.