اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعات اڱاري تي جنيوا ۾ ٿي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ اها مهم پاڪستان حڪومت ?? گڏيل قومن شروع ڪئي آهي. پاڪستان پاران ان مهم ?? موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، اقتصادي معاملن و??رو وفاقي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر شرڪت ڪري رهيا آهن.