سکر -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته پاڪستان ۾ هاڻوڪين برساتن سبب بنا ??ڪ جي قيمتي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اميدون زنده آهن ۽ اميدن کي ڪو به نقصان نه ٿيو آهي، اميدن کي زنده رک?? لاءِ پاڪستان کي ??ن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي جي تباه ڪن اثرن کي منهن ڏي?? لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، انهي لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري ??ي موقعي تي سکر پهچڻ تي بريفنگ وٺڻ کان پوءِ پنهنجي مختصر خطاب ۾ سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريش چيو ته هن ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو پاڻ جائزو ورتو آهي، هاڻوڪي برسات سبب بنا ??ڪ جي انساني جانين، ملڪيتن، چوپائي مال ۽ روزگار جي ذريعن کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، پر اميدون زنده آهن، اميدن کي ڪو به نقصان نه پهتو آهي. سيڪريٽري ??نرل چيو ته اميدن کي زنده رک?? لاءِ پاڪستان کي ??ن وقت عالمي امداد ۽ مدد جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته جيستائين انسانيت، فطرت تي حملو ڪيو ته فطرت ٻوڏ ۽ غيرمعمولي موسمياتي تباهي جي صورت ۾ جوابي حملو ڪندو آهي، موسمياتي تبديلين ۽ ان سان ٿيل نقصانن کان بچ?? لاءِ اسان کي ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ فوري ??ور 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻي پوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل چيو ته ماحولياتي تبديلي جي تباهه ڪن اثرن کي منهن ڏي?? لاءِ اسان کي پائيدار ۽ مضبوط بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي، انهي لاءِ عالمي برادري ۽ مالياتي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عالمي برادري ۽ ادارن کي قدرتي آفتن ۽ ان سبب ٿيل تباهي ۽ نقصان جي ازالي لاءِ پاڪستان جي دل کولي مدد ۽ معاونت جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ 50 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، حالانڪه ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نقصان ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي، انهي جي روشني ۾ انصاف جي تقاضا آهي، ته ان کي وڌ کان وڌ امداد ۽ مدد ڏني وڃي، ته جيئن هو ماحولياتي تبديلين سبب ٿيل نقصان لاءِ پائيدار بنيادي ڍانچو قائم ڪري ??گهي. سيڪريٽري ??نرل چيو ته گڏيل قومون ۽ ان جا ادارا پاڪستان ۾ ٻوڏ کان پوءِ پنهنجو ڪم ڪري ??هيون آهن، اسان جا ??سيلا محدود آهن، اسان پاڪستان جي عوام سان گڏ آهيون، اسان جيڪي ڪجهه ڪري ??گهون ٿا اهو ڪنداسين. سيڪريٽري ??نرل چيو ته ماحولياتي تبديلين جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ عالمي ادارو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، اسان عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن کي درخواست ڪيون ٿا، ته هو پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر آبادي جي لاءِ اڳتي اچن. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل کي هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري ??لائقن ۾ ٿيل نقصانن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعليٰ سنڌ ٻڌايو ته هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ امدادي ڪارروائيون جاري ??هن، پر جيڪي چئلينج اسان کي موجود آهن، اهي تمام وڏا اهن. ??ن وقت ڪيترن ئي علائقن ۾ 6-6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، امداد ۽ بحالي لاءِ اسان کي کربين رپيا گهربل آهن جڏهن ته اسان جا ??سيلا محدود آهن. هن بڌايو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن لاءِ اسان کي وڌيڪ خيمن، مڇر مار اسپري ۽ ٻين امدادي شين جي ضرورت آهي.