اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمور?? ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلو??ست??ن ۽ سنڌ ۾ هيلٿ ڪيمپس ق??ئم ڪيا ويا آهن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هيلٿ ڪيمپن مان ماڻهن کي رليف ملندو. هن چيو ته لسٻيلا سميت بلو??ست??ن ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيلٿ ڪيمپون ڪم شروع ڪري چڪ??ون آهن. هن چيو ته سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هيلٿ ڪيمپ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته هيلٿ ڪيمپن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمور?? ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته س??ڌ ۽ بلو??ست??ن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.