اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ الفلاح کي بئنڪنگ فراڊ کان متاثره شهرين کي 19 لک رپيا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته بئنڪ ??ار??ين کي انٽرنيٽ بئنڪنگ، ڊيجيٽل خدمتن، فراڊ کان بچڻ جي لاءِ حفاظتي قدمن بابت آگاهه ڪري، لاهور جي شهري محمد شهزاد اي ٽي ايم مان رقم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي اڪائونٽ ۾ ڪافي رقم هئي جڏهن ته ان جي روڪ رقم نه نڪتي. بعد ۾ انڪوائري مان خبر پئي ته ان جي اڪائونٽ مان 1479255 رپين جي رقم غيرقانوني طريقي س??ن ڪڍي وئي، ??بر پئي ته بئنڪ رجسٽرڊ فون نمبر تان فون ڪال ملڻ کانپوءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر سهولت کي فعال ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح ان جي اڪائونٽ مان رقم ڪنهن ٻئي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وئي. ڄاڻايل ??ار?? بئنڪ ۾ شڪايت داخل ڪرائي پر اها حل نه ٿي. اهڙي طرح گوجرانوالا جي شهري اسماءَ عتيق کي ڄاڻايل بئنڪ جي هيلپ لائين ت??ن ڪال آئي. عورت ذاتي ڊيٽا ڪال ڪندڙ سان شيئر ڪئي، ??ڪائونٽ مان 499400 رپين جي رقم ڪڍي وئي. شهرين رقم جي واپسي لاءِ بئنڪ سان رجوع ڪيو، پر بئنڪ ان جي رقم واپس نه ڪئي. ٻنهي شڪايت ڪندڙن پنهنجي سڪايتن جي ازالي لاءِ جدا جدا بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن تي بئنڪنگ محتسب وڃايل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بئنڪ محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر کي جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ٻنهي درخواستن جي ٻڌڻي دوران بئنڪ گذارش ڪئي ته ??ار??ين ذاتي بئنڪنگ تفصيل نامعلوم ماڻهن سان شيئر ڪئي، ??ئنڪ رقم جي نقصان جي ذميوار نه آهي. صدر بئنڪ جون درخواستون ان بنياد تي رد ڪري ڇڏيون ته بئنڪ اڪائونٽ هولڊرز جي رضامندي/ درخواست کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر سهولت کي فعال ڪيو. صدر چيو ته بئنڪن جي اولين ذميواري آهي ته اهي ??ار??ين جي مفادن جو تحفظ ڪن، بئنڪن پاران ??ار??ين جي مفادن جي تحفظ لاءِ مضبوط نظام ناهي هنيو ويو، ان کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??ئنڪن چينل فعال ڪرڻ کان اڳ سهولت جي فائدن ۽ نقصانن بابت ??ار??ين کي آگاهه نه ڪيو. صدر چيو ته ڄاڻايل بئنڪ، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي قاعدن ۽ ضابطن سان غفلت ۽ عدم تعميل جي مرتڪب ٿي، ??سٽيٽ بئنڪ جي لاڳاپيل قانونن، قاعدن ۽ ضابطن جي شقن جي تعميل جي حوالي س??ن ڪو ث??وت پيش نه ڪيو ويو، بئنڪ قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪئي، ??دانتظامي جي مرتڪب ٿي، محتسب جي اصل فيصلن کي رد ڪرڻ جو ڪو جواز فراهم نه ڪيو ويو. محتسب جي اصل فيصلن ۾ ڪا خامي نه آهي، ??ئنڪ جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.