اسلا?? آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پار??يا??اني وفد?? جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڪامن ويلٿ پار??يا??اني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوئگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامن ويلٿ پار??يا??اني ايسوسيئيش?? جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي وقتي چيئرپرسن ايان لڊل گرينجر، ايم اين اي شاندانه گلزار خان، قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري طاهر حسين، ڪامن ويلٿ پار??يا??اني ايسوسيئيش?? جي ميمبر ايملي ڊيوس ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ ۾ پار??يا??ينٽ ج?? ڪردار تي روشني وڌي. هن وفد کي عورت?? جي حق?? جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پار??يا??ينٽ پاران ڪيل قانونسازي جي قدم?? جي با??ي ۾ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته عورت?? جي مالي ۽ سماجي شموليت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرامد نه ڪري سگهي، هن ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ پار??يا??اني تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪامن ويلٿ پار??يا??اني ايسوسيئيشن ج?? ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي اسٽيفن ٽوئگ صدر کي پاڪستاني تعليمي ماهرن، شاگردن ۽ پار??يا??ينٽ ميمبرن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي با??ي ۾ آگاهه ڪيو، هن عورتن کي با??خيتار بڻائڻ لاءِ پاڪستا?? جي قدمن کي به ساراهيو.