اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جا ل??ڳا??ا نئين بلندي تي پهچي ويا آهن، سينٽرل ايشيا کي لنگهه ڏيڻ وزيراعظم جو ويزن آهي جنهن سا?? وچ ايشيائي ملڪن سا?? ل??ڳا??ا مستحڪم ٿيندا، ازبڪستان جي صدر جو پاڪستان جو دورو خصوصي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي قومي لباس ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين مصنوعات جي نمائش جي افتتاح جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ کان اسان ويجهي دوست ملڪ ازبڪستان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات ۽ روايتي لباس جي نمائش منعقد ڪرڻ وڃي رهيا آ??يو??. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر ان نمائش ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ازبڪ صدر پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان جا ازبڪ صدر سا?? پراڻا ل??ڳا??ا آهن. هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن جو اهم سربراهه ازبڪ صدر پاڪستان اچي رهيو آهي، سندس اهو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي سربراهن جو ويزن وچ ايشيائي ملڪن کي لنگهه ڏيڻ آهي جنهن سا?? ٻطرفي واپار ۽ گڏيل رابطن کي فروغ ملندو. وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سا?? ٽرين روٽ ڳنڍجڻ ۽ اڏامون شروع ٿيڻ سا?? واپاري ل??ڳا??ن ۾ اضافو ٿيندو جنهن سا?? ٻئي ملڪ فائدو کڻندا. اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چيو ته مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر پڻ ازبڪستان مان آيو هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ل??ڳا??ا تاريخي اهميت رکن ٿا. وزيراعظم عمران خان جي ازبڪستان جي دوري سا?? ٻنهي ملڪن جي دوستي جي نئين سفر جي شروعات ٿي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير ازبڪ زراعت واري وزير سا?? گڏ نمائش جو افتتاح ڪيو. اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت ۽ ازبڪ سفارتخاني جا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سا?? تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.