اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته پائيد??ر ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 هدفن مان 60 سيڪڙو تي عملدرآمد ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار آهي، اسان جي سياسي نظام ۾ بنيادي ڍانچو مقامي حڪومتن جو آهي، هڪ مضبوط بلدياتي نظام ضروري آهي ان سان نه رڳو گورننس ۾ بهتري ايندي پر هيٺئين قيادت پڻ سامهون ايندي، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڪامياب بلدياتي نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، هاڻي پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام طرف وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايس ڊي جيز ٽاسڪ ??ورس جي صلاحيت کي وڌائڻ جي تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايس ڊي جيز نيشنل ٽاسڪ ??ورس جو ڪنوينر رياض فتيانه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر امجد علي زيدي ۽ هيڊ آف يورپي يونين اووائڊيو ميڪ موجود هئا جڏهن ته تربيتي ورڪشاپ ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ صوبائي ٽاسڪ ??ورس جي ميمبرن شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير فر?? حبيب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قومي صحت سهولت پروگرام جي ذريعي هر شخص کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت فر??هم ڪئي پئي وڃي، پرائيويٽ اسپتالن ۾ به نئين شعبن ۽ بيڊز جو انگ وڌايو پيو وڃي، هيستائين 20 لک ماڻهن صحت انصاف ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪيو جن جا 46 ارب رپين جا ڪليمز ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ايس ڊي جيز تحت رڪارڊ ترقياتي پروگرام ڪرايا و??ا، پنجاب ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ 740 ارب رپيا رکيا و??ا آهن، اين ايف سي سان گڏوگڏ صوبائي فنانس ڪميشن پڻ اهم آهي، پنجاب ۾ 369 ارب کان ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ پروگرام تي ڪم جاري آهي، حڪومت پائيد??ر ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) جي 17 گولز تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته ڪامياب جوان پروگرام کانپوءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن تحت 5 لک رپين تائين بنا و??اج قرض فر??هم ڪيو پيو وڃي، پهريون ڀيرو محروم طبقن کي ڇت جي فر??همي جي لاءِ مورگيج سسٽم آندو آهي، گهٽ آمدني گهرن جي لاءِ آسان قرض ڏنا پيا وڃن، هيستائين 250 ارب رپيا قرض جون درخواستون مليون آهن جن مان 130 ارب جو قرض منطور ۽ 45 ارب فر??هم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو اتفاق راءِ سان هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرايو ويو آهي. ان جو مقصد تعليم جي شعبي ۾ فرق کي ختم ڪرڻ آهي. پنجاب ۾ اسڪولن جي اپ گريڊيشن، نئين يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ساليانو 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن، 10 ارب رپين سان اسڪلز فار آل پروگرام پڻ جاري آهي.