اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فارن فنڊنگ بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته قانون موجب ڪا به سياسي پا??ٽي ڪنهن ٻي پا??ٽي کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي. ٽي وي چئنلز بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ فيڪ نيوز جو حصو نه بڻجن، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جتي پي ٽي آءِ جي ا??ائونٽن جي پڙتال ڪري رهي آهي ائين ن ليگ ۽ پيپلزپا??ٽي جي ا??ائونٽن جي به ڇنڊڇاڻ ٿي رهي آ??ي، هن چيو ته اسان جي ماهرن جي جاچ موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽ اهڙا آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن کي ناهن ٻڌايا ويا انهن مان ڪروڙين روپين جي ٽرانزيڪشن ٿي آ??ي، سپريم ڪورٽ حنيف عباسي جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته سڀني سياسي پارٽين جي ا??ائونٽن جي بنا ڪنهن متڀيد جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چيو ته پيپلزپا??ٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا، پيپلزپا??ٽي وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو به رڪارڊ نه آ??ي، پيپلزپارٽي، پيپلزپا??ٽي پارليامينٽرين، ۽ پارليامينٽرين پيپلزپا??ٽي جا خرچ برداشت ڪن ٿيون، جيڪو غير قانوني آهي.