اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته درست عدالتي رپورٽنگ کانسواءِ عدليه جو وقار ۽ عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ممڪن نه آه??، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافي ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي.
اطلاعات واري وزير پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽن?? جي اهميت داخل ڪيل ڪيسن جيتري آه??، ڪيس داخل ٿيڻ کان پهرين درجنين معاملن ۾ عدالتون ميڊيا رپورٽس تي پاڻمرادو نوٽيس وٺنديون آه??. هن چيو ته غلط ۽ غير محتاط عدالتي رپورٽنگ سان نه رڳو عوام درست اطلاع جي حق کان مح??وم رهندي آه?? پر قان??ن جي بالادستي ۽ عدليه جو وقار به متاثر ٿيندو آه??. وفاقي وزير چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آه??، جن خبرن تي عدليه نوٽيس وٺندي آه?? انهن خبرن جو حقيقي هجڻ ضروري آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته قانوني صحافت ۾ صحافت ۽ قانون ٻئي شامل هوندا آه??، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تربيت ضروري آه??، ان ڏس ۾ حڪومت صحافتي تنظيمن سان گڏجي لائحه عمل جوڙيندي.
وفاقي وزير چيو ته صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪري رهيا آه??ون. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جو صدر راجا محسن اعجاز ۽ سيڪريٽر?? جنرل عديل سرفراز سميت ٻيا ميمبر شامل هئا.