اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغ??نس??ان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته ??نس??ني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن تي پوندا، 20 سالن جي ڊگهي جنگ به افغان تڪرار جو حل نه ڪڍي سگهي، افغ??نس??ان ۾ امن پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، اسلامي تعاون تنظيم، او آءِ سي ڪانفرنس جو مقصد افغ??نس??ان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ارادن ۽ مقصدن جي حوالي سان، مقامي ۽ عالمي ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته افغ??نس??ان هن وقت خطرناڪ معاشي ۽ ??نس??ني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي افغان صورتحال ??ي حوالي سان چيو ته پاڪستان کي افغ??نس??ان جو ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ان صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. اسان پنهنجي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، تنهن هوندي به اسان اقتصادي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرامن افغ??نس??ان اسان جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته افغ??نس??ان 38 ملين ماڻهن تي مشتمل ملڪ آهي. سردي جي شدت ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي، يو اين ڊي پي موجب جيڪڏهن افغ??نس??ان جي صورتحال تي فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هليا ويندا، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب افغ??نس??ان ۾ صرف 5 سيڪڙو افغانين کي مناسب خوراڪ دستياب آهي، هن چيو ته 11 اهم آمريڪي شخصيتن جن ۾ اڳوڻا سفير ۽ ڪمانڊر شامل آهن هنن گڏيل طور تي بائيڊن انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته افغ??نس??ان کي ??نس??ني الميي کان بچائڻ لاءِ کين اڪليو نه ڇڏيو وڃي، هي اهو ئي موقف آهي جنهن طرف پاڪستان عالمي برادري کي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغ??نس??ان جي صورتحال تي فوري ضابطو نه آندو ويو ته گذريل 20 سالن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششون مٽي ۾ ملي وينديون ۽ دهشتگرد گروهن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملندو. اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغ??نس??ان ۾ 40 سالن کانپوءِ قيام امن جي اميد پيدا ٿي آهي ان موقعي کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ان ??نس??ني الميي کان بچاءُ لاءِ مسلسل آواز اٿاري رهيو آهي، هن چيو ته ڪاسا 1000، ٽرانس نيشنل ريلوي نيٽ ورڪ ۽ ٻين علائقائي نوعيت جي منصوبن جي تڪميل لاءِ افغ??نس??ان جو امن اڻٽر آهي، مون نيويارڪ ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ، بلنڪن کي افغ??نس??ان جي ابتڙ صورتحال کان آگاهه ڪندي عالمي برادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ دنيا اسان جي آواز تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ افغ??نس??ان جي مدد لاءِ آمادگي جو اظهار ڪري رهي آهي، عالمي برادري جي افغ??نس??ان سان ڪجهه اميدون وابسته آهن جڏهن ته مون ڪابل جي دوري دوران طالبان عبوري قيادت کي انهن اميدن کان آگاهه ڪيو. انهن اميدن ۾ افغ??نس??ان ۾ بنيادي ??نس??ني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري، دهشتگردي جي خاتمي جي خاطري، اجتماعيت جي حامل حڪومت سازي جهڙا نڪتا شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان افغان قيادت تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ انهن جي مفادن ۾ آهي، ٻي طرف اسان عالمي برادري تي زور ڏنو ته ماضي جي غلطين کي نه ورجايو وڃي، پرڏيهي وزير چيو ته افغ??نس??ان جي صورتحال تي ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندي پئي وڃي جيڪو عالمي برادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي گهرجائو آهي. افغ??نس??ان ۾ بئنڪنگ سسٽم جي عدم دستيابي جي ڪري، افغ??نس??ن جي ٻاهر ويٺل ماڻهو، خواهش جي باوجود افغ??نس??ان ۾ پنهنجي پيارن جي ڪا به مدد نٿا ڪري سگهن. اڄ عالمي برادري ??نس??نيمدد لاءِ افغ??نس??ان سان انگيجمينٽ لاءِ آماده آهي، پرڏيهي وزير چيو ته مدد جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس جيڪو هنگامي طور تي منعقد ٿي رهيو آهي، پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان افغ??نس??ان جي جيتري ٿي سگهي مدد ڪئي آهي پر اها ذميداري پاڪستان اڪيلو ادا نٿو ڪري سگهي. اسان کي اميد آهي ته ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ذريعي اسان عالمي برادري کي اصل صورتحال کان آگاهي ڏيارڻ ۽ لکين افغان شهرين جي ??نس??ني بنيادن تي فوري امداد لاءِ لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ اڳتي وڌي سگهون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ??نس??ني بنيادن تي لکين افغان شهرين کي ??نس??ني بحران کان بچائڻ لاءِ، اڳتي وڌيو وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغ??نس??ان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته ??نس??ني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. افغ??نس??ان جي صورتحال ??ان يورپي ملڪن چڱي ريت آگاهه آهن، افغ??نس??ان ۾ امن خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، ٿورڙي به غفلت پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. پاڪستان، افغ??نس??ان بابت جيڪو به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڪري رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغ??نس??ان، او آءِ سي جو بنيادي ميمبر ملڪ آهي کين اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي، پاڪستان افغ??نس??ان جي ??نس??ني بنيادن تي مدد ڪري رهيو آهي.