اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي ??اتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام کڻي آئي آهي، نئون پاڪستان صحت ڪارڊ دنيا جو منفرد هيلٿ انشورنس پروگرام آهي جنهن جي پوري دنيا ۾ مثال نٿو ملي، عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي ??ربراهي ۾ پ??جا?? ۾ جاري عوامي ڀلائي، سماجي تحفظ ۽ غربت جي ??اتمي ۽ بنيادي صحت جي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس کي هيلٿ ڪارڊ ۽ احساس راشن رعايت پروگرام تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جنوري کان مارچ تائين پ??جا?? جي ??مورن گهر??ڻن کي 10 لک روپين تائين مفت ??لا?? جي ??هولت فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ اجلاس کي احساس راشن رعايت پروگرام تحت گهٽ آمدني وارن خاندانن کي فراهم ڪيل سبسڊي تي اڳڀرائي ۽ ان سان غربت جي ??اتمي جي متوقع مثبت نتيجن جي ??اري ۾ به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي پ??جا?? جي وڏن شهرن ۾ جاري احساس ڪو به بکيو نه سمهي، لنگر خانن ۽ پناهگاهن تي به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبا ڏهاڙيدار ۽ مزدورن لاءِ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ رليف جو سبب بڻجي ??هيا آهن، اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ اسپورٽس ڊرائيو تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ پ??جا?? ۾ بلدياتي اليڪشن جي ??ڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم منصوبن تي تسلي جو اظهار ڪندي جاري عوامي ڀلائي جي منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني، پ??جا?? جو وڏو وزير سردار عثمان بزدار ۽ پ??جا?? جي ??حت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد شرڪت ڪئي.