اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ملاقات ڪ??ي. ??زيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائيز??شن (آءِ ايم او) جي ٿيندڙ چونڊن تي بريفنگ ڏني و??ي. ??فاقي وزير وزيراعظم کي عالمي ميري ٽائم ٽرانسپورٽ??شن بزنس ۾ پاڪستان ج?? لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم او ڪنوينشن دوران برطانيا، قطر، سعودي عرب، ملائيشيا ۽ مالديپ جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن سان ٿيندڙ سائيڊ لائين ملاقاتن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??ي حڪومت جي سي فيئررز جي سهولت لاءِ قدمن، ڪورونا وبا دوران بهتر پاليسين ج?? ڪري بندرگاهن تي بهتر انتظام ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي پورٽ جي ويڪسي ن??شن مهم بابت مثبت تاثرن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عالمي سامونڊي واپار ۾ پاڪستان ج?? ڪردار وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي معاملن واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيو.