اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ??اه?? محمود قريشي چيو آه?? ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي جاپان جي پنهنجي هم منصب توشي مٽسو موتيجي سان ??لاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جاپان سان ??نهنجي سياسي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جاپان کي هڪ ترقياتي حوالي سان اعتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخدوم ??اه?? محمود قريشي چيو ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه کي پرجوش انداز ملهائڻ ??و ارادو رکون ٿا، پرڏيهي وزير پاڪ جاپان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير مخدوم ??اه?? محمود قريشي پنهنجي جاپاني هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان ??اڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آه??. افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ضروري آه?? ته عالمي برادري افغانستان جي مدد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير مخدوم ??اه?? محمود قريشي ڀارت پاران ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جاپاني هم منصب کي پيش ڪيو.