اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي، شخص، معاشري ۽ رياست کي عورتن جي حقن جي تحفظ لا??ِ پنه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪتاب ”دختران پاڪستان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گذريل هفتي عورتن سان ٿيندڙ ٻن ??اقعن سان تمام گهڻي تڪليف پهتي، مسلمان معاشري ۾ عورتن کي خاص مقام حاصل آهي، اسلام ۾ عورتن جي احترام جي خاص تلقين ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عورتن جي تحفظ لا??ِ شخص، رياست ۽ م??اشرو پنهنجي ذميواري ادا ڪري، عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورتن جي معاشرتي تحفظ بابت قانون موجود آهن، عملدرآمد جي ضرورت آهي، ترقي يافته قومن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جي لا??ِ بلند همت ۽ حوصلو ضروري آهي. هن چيو ته سماجي ۽ م??اشرتي ترقي جي لا??ِ عورتن جي تعليم اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته معاشري جي اصلاح ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لا??ِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن کي وراثتي حق ملڻ گهرجن، ان حوالي سان بلوچستان هاءِ ڪورٽ بهترين فيصلو ڏنو آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي مستحق عورتن کي امدادي رقم انهن جي اڪائونٽ ۾ موڪلي ويندي. هن چيو ته بئنڪن عورتن کي قرض ڏيڻ جي لا??ِ رقم مخصوص ڪئي آهي پر تمام گهٽ عورتون ان مان فائدو کڻن ٿيون. هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان قومون ٺهنديون آهن، عورت کي صحيح مقام ڏيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته مديني جي رياست قائم ڪرڻ اسان جو مقصد آهي ۽ م??اشري کي ان حوالي سان پنه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ جعلي خبرن جي ڀرمار آهي. تقريب کي موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گ??، وومين ڊيولپمينٽ واري صوبائي وزير آشفه رياض فتيانه، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز، عالمي اسلامڪ يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي ۽ سميعه راحيل قاضي پڻ خطاب ڪيو.