اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورون?? وائرس سبب 95 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 221 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 44 سيڪڙو، ملتان 45 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن.
اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 73، ڪراچي ۾ 58 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 57 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 45 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 87 هزار 423 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 695، پنجاب ۾ 20 هزار 496، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 9، اسلام آباد ۾ 3 هزار 966، بلوچستان ۾ 456، گلگت بلتستان ۾ 676، آزاد ڪشمير ۾ 883 ٽيسٽ شامل آهن.
هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 93 هزار 304 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوو??ڊ 19 جا 492 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوو??ڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 87 هزار 423 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 5 هزار 300 آهي.