اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته ميڊيا ??يولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي پنهنجي آرگنائيزيشن سان معاهدي تي عملداري ج?? لاءِ ميڊيا ٽربيونلز سان رجوع ڪرڻ جي حق ۽ فيڪ نيوز تي ڏنڊ جي شقن کانسواءِ تجويز ڪيل قانون ۾ هر تبديلي منظور آهي پر غريب ميڊيا ??ارڪنن کي قانوني دادرسي ج?? حق ڏيڻ اسان جو فرض آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته فيڪ نيوز کي ڪيئن ميڊيا سيٺ جو حق مڃي سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي موجوده ميڊيا ماڊل ۾ عام ماڻهو، غريب ميڊيا ??ارڪن ۽ پبلڪ انٽرسٽ ٽنهي ج?? تحفظ نه آهي، بليڪ ميلنگ کي پنهنجو حق قرار ڏيڻ ۽ اشتهار ڏيڻ رڳو پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي.