اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اوورسيز پاڪستانين کي انهن جا س??اس?? حق ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊ عمل کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غير جانبدار بڻائڻ لاءِ چونڊ ??ڌا??ن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ س??اس?? پارٽين ۽ لاڳاپيل ادارن جي قومي ??ميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ ??ڌا??ن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير امين الحق ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊ قانونن ۾ بهتري جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ??ڌا??ن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ س??اس?? پارٽين ۽ ٻ??ن حصيدارن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جو حوالو ڏيندي چيو ته سمورين س??اس?? پارٽين جمهوري عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ان جي حمايت ڪئي، هن ڀيري به س??اس?? پارٽين جي قيادت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ذريعي شفاف چونڊ عمل جي حوالي سان عوام جي س??اس?? حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهي تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.