اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته حڪومت پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ مح??وظ ۽ بهترين ڪم ڪرڻ جي حالتن ۽ سماجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان پنهنجي سمنڊ ??ار پاڪستاني پورهيتن سميت صنعت، زراعت ۽ غيررسمي معيشت ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.