اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تحريڪ ه??ائي رهيُون هُيون، مخالف ڌر پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاٿ?? آهي، اسان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏينداسين، قانونسازي، سڌارن تي اسان جو ڌيان هوندو، مهانگائي تي جلد ضابطو آڻيندسين، ڪو به قانون کان م??انهون نه آهي، قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي نه ٿي ره?? آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجا فيصلا اصولن جي بنياد تي ڪند?? آهي، اسان پنهنجي سياسي فائدي يا نقصان جي بنياد تي فيصلا ناهيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر جي تحريڪ ۾ نه ته ڪا جان آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي مقصد آهي، اهي صرف پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ گڏ بيٺل آهن. هاڻي مخالف ڌر جو اتحاد بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ هڪ قسم جو انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجي ڪوششن ۽ ڪاميابين کي ??وا?? جي سامهون نه آڻي سگهياسين. اها اسان جي لاءِ هڪ وڏي تبديل?? آهي، جنهن ۾ اسان شور شرابي ۽ منفي سياست کان جان ڇڏائي ??وا?? جا مسئلا حل ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ، قانون سازي ۽ ??وا?? جي خدمت تي پنهنجو ڌيان ڏينداسين.