اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 31 فوتگيون وينٽيليٽرز تي م??جود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي م??ڪ ۾ 3 هزار 329 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ت??اسب جي ل??اظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 75 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 84 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 58 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي ت??اسب جي ل??اظ کان پشاور ۾ 83 سيڪڙو، سوات ۾ 63 سيڪڙو، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 816 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 411، پنجاب ۾ 21 هزار 325، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 198، اسلام آباد ۾ 8 هزار 292، بلوچستان ۾ هڪ هزار 816، گلگت بلتستان ۾ 474، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 65 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 23 هزار 399 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??ويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي ل??ءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 467 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 994 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪ??رونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 5 هزار 517 آهي.