اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفن ??اتن، ڪشمير مسئلي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چونڊجڻ تي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجن ٻه طرفن ??اتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ برطانيه ۾ ترسي?? آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب برطانيه ۽ يورپي ملڪن ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي درپيش مسئلن کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ ج?? ڀلائي اسان جي حڪومت جي اهم ترجيحات ۾ شام?? آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه ط??في سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.