اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مڇ ۾ ٿيندڙ واقعو سازش آهي، هندستان پوري طرح پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اسان جي انٽيليجنس ادارن دهشتگردي جا چار وڏا منصوبا ناڪام بڻايا، هزاره برادري سان نائين اليون کانپوءِ تمام وڏو ظلم ٿيو آهي، هزاره برادري مڇ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري انهي ڏينهن انهن وٽ ڪوئيٽا ايندس، مڇ سانح?? جي متاثرين جا سمورا مطالبا مڃيا ويا آهن، ل??شن جي تدفين کي وزيراعظم جي آمد سان جوڙڻ جو شرط مناسب نه آهي، اهڙي طرح ڪرپشن ڪندڙ داڙيلن جو ٽولو به بليڪ مي?? ڪندو، آءِ ٽ?? جي شعبي کي مراعتون ڏئي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻ?? جي ذخيرن ۾ اضافو، روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا. هو هتي انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽ?? جي قيام کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.