اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جو اقتدار سنهري دور هو پر افسوس ته نوجوان نسل کي ان جي باري ۾ خبر ناهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان سنهري دور تي فلم ۽ ڊرامو ٺاهي پروپيگنڊا ڪندڙن جي ارادن کي ناڪام بڻايو وڃي، پاڪستاني ڊراما 80ع جي ڏهاڪي تا??ين پوري دنيا ۾ پن??نجي سڃاڻپ پاڻ هئا، پاڪستاني ??لم ۽ ڊراما انڊسٽري کي مقامي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اولهه کان متاثر نوجوان نسل کي پن??نجي ا??ل ثقافت کان آگاهي ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمال تيڪدين جي قيادت ۾ مشهور ترڪ ڊراما سيريل ارتغرل جي باني ??يم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.