اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جيترا مرضي جلسا جلوس ڪري وٺي قانون ٽوڙڻ تي سڌو جيل ويندا، رستن تي نڪري عمران خان کي بليڪ ميل ڪرڻ جو خواب ڏسندڙ ناڪام ٿيندا، مخالف ڌر جو مسئلو جمهوريت ناهي ڪرپشن بچائڻ آهي، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ان لا??ِ مخالف ڌر کي حڪومت ڪيرائڻ جي جلدي آهي، ڪجهه عنصر سمجهن ٿا ته انهن جي مرضي جيڪو ڪن ۽ انهن کان ڪير به پڇي نٿو سگهي، بليڪ ميل ڪرڻ جي لا??ِ فيفٽ جي حوالي سان قانونسازي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي، نواز شريف ٻاهر وڃڻ لا??ِ منٿن جو رستو اختيار ڪي??، اهي ماڻهو ڀارت جو ايجنڊا کڻي ملڪ ۾ سياست ڪري رهيا آهن، نواز شريف پ??ڪ فوج کي پنجاب پوليس ٺاهڻ چاهي ٿو، فوج تي اڱريون کڻندڙن کان پڇان ٿو ته مون کي فوج کان ڇو ڪو مسئلو نه آهي، دهشتگردي جي خلاف لا??وال قربانيون ڏيندڙ پ??ڪ فوج تي فخر هجڻ گهرجي، ڪو به ملڪ قانون جي بالادستي کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، وڪيلن کي قائداعظم جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف لا??رز فورم جي اهتمام ه??ٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪي??.