اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو هڪ سبب غيرقانوني اثاثا ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ آهي، نواز شريف به اهڙي طرح غيرقانوني اثاثن جي ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪر?? سگهيو هو، ماضي ۾ صحت جي بنياد تي نواز شريف کي ضمانت ڏيندڙ عد??لت??ن تمام سٺيون هيون ۽ جيڪي عد??لت??ن خلاف فيصلو ڏين انهن بابت ڳٺ جوڙ جو تاثر ڏنو وڃي ٿو، اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ تائين هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو. هو پي آءِ ڊي ۾ گهرو احت??اب ۽ معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪر?? رهيو هو.