لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ جهڙي تعليمي نصاب سان ئي مع??شري ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو، تعليم جي ذريعي ئي اصل ترقي ممڪن آهي، اسڪولن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي تعليم?? نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، گهرو صلاحڪار م??زا شهزاد اڪبر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، تعليم واري صوبائي وزير م??اد راس، ناڻي واري صوبائي وزير م??دوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تعليم واري صوبائي وزير م??اد راس اجلاس کي پنجاب صوبي جي تعليم?? نظام ۾ سڌارن ۽ نئين منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته تعليم جي ذريعيئي ترقي ممڪن آهي. وزيراعظم پنجابصوبي پاران استادن جي ٽرينگ، هڪ جهڙي تعليم?? نظام جي لاءِ قدمن ۽ لاڳاپيل قانوني سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪولن ۾ سهولتون ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ جهڙي تعليم?? نظام سان ئي مع??شري ۾ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.