اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پنجاب ۾ مڪڙن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اوزار خريد ڪرڻ جي ڏس ۾ 100 ملين ??پيا، سول آرمڊ فورسز جي صلاحيت ۾ بهتري جي لاءِ 4.5 ارب رپيا ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان ميڊيا مهم هلائڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ج?? لاءِ 500 ملين ??پين ??ميت ڪيترين ??ي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي پاڪستان مشين ٽول فيڪٽ??ي کي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي حوالي ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي عرصي ۾ روزگار کي بچائڻ جي لاءِ اسٽيٽ ??ئنڪ ري فنانس اسڪيم جي رسڪ شيئرنگ فيسلٽي جي حد ۾ اضافي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.