اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان چين جي سفير يائو جنگ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کانسواءِ خطي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي اهم معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي چين جي سفير يڪجهتي جو اظهار ڪندي چين جي حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ??يو ته ڪورونا وائرس سبب درپيش مسئلي تي چين پاڪس??ان سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ چيئرمين چين جي ماهرن جي وفد جي تازي دوري کي انتهائي مفيد قرار ڏنو ۽ ??يو ته ماهرن ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز پاڪس??ان جي طبي ماهرن ۽ عملي کي پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪس??ان ۾ ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻن ۾ مد?? ملندي.