اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نج?? ٽي وي جي ڪئميرامين فياض علي جي لاڏاڻي تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو، مرحوم جي گهروارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون?? وزيراعظم جي هدايت تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت ۽ انهن جي دادرسي جي لاءِ هتي آئي آهيان، ميڊيا هڪ اهڙو طبقو آهي جيڪو سڀني جي خبر رکي ٿو پر ان جي خبر ائي?? نه ٿي ورتي وڃي جيئن وٺڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نج?? ٽي وي چينل جي مارجي ويل ڪئميرامين فياض جي گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه اچڻ ۽ گهرڀاتين سان ملا??ات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.