اسلام آ??اد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وراثت جي حق جي منتقلي ۽ قانوني وارثن جي تعين جي لاءِ 6 ڊسمبر کان ليٽرز آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سَڪسيشن سرٽيفڪيٽس آرڊيننس 2019ع لاڳو ڪرڻ، اسلام آ??اد جي مئجسٽريٽ ججن جي عدالتن کي جووينائل ڪورٽس (ٻارن جي ڪيسن کي ٻڌندڙ عدالتون) نامزد ڪرڻ، انفورسمينٽ آف وومينز پرا??رٽ?? رائيٽس آرڊيننس 2019ع ۾ ترميم، پاڪستان سيڪيورٽي پ??نٽ??گ ڪارپوريشن ۽ سيڪيورٽي پيپرز لميٽيڊ ڪراچي جي سمورن عهدن تي پاڪستان ايسيشنل سروسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ، ڄمون اينڊ ڪشمير اسٽيٽ پرا??رٽ?? جي مالي سال 20 – 2019ع جي بجيٽ، واپڊا واٽر اينڊ پاور جي ميمبرن ۽ نيشنل انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.