اسلام آباد-26 آڪٽوبر(??ي پي پي) قانون واري وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي قانون واري وفاقي وزير پن??نجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڪارو ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏ??اري ٿو جڏهن 1947ع ۾ ڀارتي فوج غير قانوني طور سرينگر ۾ داخل ٿي معصوم ماڻهن تي قبضي، ظلم ۽ ڏاڍ جي شروعات ڪئي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي انساني حقن جي سالن کان ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هر سال ڪارو ڏينهن ان لاءِ مله??يو وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جي غير قانو??ي قبضي خلاف احتجاج ڪري سگهجي ۽ عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي قراردادن تي عملدرآمد جي حاويل سان ان جي وعدن کي ياد ڏ??ارجي جيڪي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪن ٿيون.