تهران -27 آگسٽ (اي پي پي) ايران ج?? صدر مسعود پيز شڪيان مسلمان ملڪن تي زور ڀريو آهي، ته اهي اسرا??يل جي غزه ۾ ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ گڏيل قدم کڻن. ميڊيا مطابق سندس آفيس مان جاري هڪ بيان مطابق هن اها اپيل ايران ج?? دوري تي آيل قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهين دوران ڪئي. مسعود پيز شڪيان چيو ته مسلمان رياستون ۽ اهي سمورا ملڪ جيڪي عالمي قانون ۽ فريم ورڪ جا پابند آهن، انهن کي اسرا??يل جي حامين کي لغام ڏيندي غزه ۾ جاري اسرا??يل جي بدترين ڏوهن ۽ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن. غزه ۾ جنگ بندي لاءِ قطر جي ڪوششن کي ساراهيندي هن چيو ته جيئن ته غزه م سمورن عالمي قانونن ?? ضابطن ج??ن لاڳيتو ڀڃڪڙيون جاري آهن، پر انساني حقن ج?? وڪالت ڪرڻ جي دعويٰ ڪندر ملڪ به اسرائيلي جارحيت تي خاموش آهن.