اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ?? خوشحالي جو ضامن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي تازي دوري دوران شاندار اس??قبال ۽ شاندار انتظامن تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته چين جي تازي دوري دور??ن جن مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن تي ??حي??ون ٿيون انهن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ?? خوشحالي جو ضامن آهي. چين ۽ پاڪست??ن جي دوستي جبلن کان بلند ۽ گهرن سمنڊن کان وڌيڪ گهري آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ثمرن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي رهي آهي. چيني سفير نگران وزيراعظم کي پاڪست??ن جي ترقي ?? معاشي اس??حڪام ۾ چين جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.