اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين ??ي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي، برطانيا سان ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪميش?? جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن، نفرت انگيز بيانن، مس انفارميشن، ڊس انفارميش?? جي خاتمي، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاو?? جي فروغ ۽ يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام تي خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. اط??اعات واري نگران وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان برطانيا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، برطانيا سان ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته يو اين ڊي پي جي سيف ڊيجيٽل انوائرنمينٽ پروگرام سان غلط معلومات ۽ نفرت انگيز بيانن کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملندي. اهو پروجيڪٽ آن لائين اسپيس تي غلط ۽ نفرت انگيز بيان?? جي نشاندهي ڪندڙ اهم سرڪاري ادارن ۽ اهلڪار?? جي علم، صلاحيت ۽ هنر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. نگران وفاق?? وزير چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز سڄي دنيا جو مسئلو آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن. هن چيو ته صحافين ??ي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان ڏس ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي اهم ڪردار ادا ڪندي. انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نفرت انگيز بيانن ۽ غلط معلومات جي حوالي سان آگاهي سيشنز پڻ منعقد ڪيا ويندا. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊرام?? جي شعبن ۾ تعاون تي به خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اط??اعات وار?? وزير برطانوي پوليٽيڪل قونصلر کي ملڪ ۾ چونڊ?? جي حوالي سان سرگرمين بابت آگاهه ڪندي چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، چونڊ?? جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي. برطانوي پوليٽيڪل قونصلر پاڪستان ۽ برطانيا جي و?? ۾ ??طرفن لاڳاپ?? جي فروغ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.