بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انو??را??حق ڪاڪڙ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي نئين مرحلي ۾ چين سا?? مختلف شعبن ۾ رابطي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائيندو، غذائي تحفظ ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي، سڌارن، غربت جي خاتمي، تحقيق ۽ ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ چين جي ڪاميابين مان فائدو کڻنداسين، چيني ڪاروباري ادارن جي سيڙپڪاري ??ي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار چيني ميڊيا سا?? ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) کي س??را???? ٿو ۽ ان جي ڀرپور حمايت ڪر?? ٿو، پاڪستان چين جي ترقي جي تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان بي آر آئي جي عظيم ويزن کي قدر جي نگاهه سا?? ڏس?? ٿو جيڪو اقتصادي ترقي جي ذريعي امن ۽ خوشحالي آڻڻ جو مظهر آهي، پاڪستاني وفد جنهن ۾ اقتصادي، صنعتي، سيڪيورٽي ۽ ٻين شعبن جا اعليٰ عملدار شامل آهن، دوري جي دوران چيني عملدارن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سا?? ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جو منتظر هو. بي آر آئي تحت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي مثالي منصوبي جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ سا?? وڏي ترقي ٿي آهي ۽ سندس اباڻي صوبي بلوچستان جي لاءِ ترقي جا روشن امڪان پيدا ٿيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي جي نئين مرحلي ۾ چين سا?? رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو، چين جي مدد سا?? غذائي تحفظ ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائيندو ۽ ڪاروباري ادارن ??ي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن اهي واپار کي فروغ ڏئي سگهن ۽ چين سا?? ٻطرفي تعاون مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو ته جيئن چيني ڪاروباري ادارن جي کاڻين جي کوٽائي، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ حوصلا افزائي ۽ انهن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ٿين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان چيني شهرين ??ي حفاظت کي تمام گهڻي اهميت ڏ?? ٿو ۽ چيني شهرين جي لاءِ حفاظتي طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام پ??را?? هڪ ٻئي جي زبان ۽ ثقافت بابت ڄاڻڻ ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اميد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان چين سا?? دوستي کي قدر جي نگاهه سا?? ڏس?? ٿو ۽ ان ڳالهه تي يقين رک?? ٿو ته چين سا?? تعاون موقعن سا?? ڀرپور آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان سڌارن، ترقي، غربت جي خاتمي، تحقيق ۽ ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ چين جي ڪاميابين مان فائدو کڻندو ۽ چين سا?? تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نگران وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي عالمي ترقي جي قدمن، عالمي سيڪيورٽي جي قدمن ۽ عالمي تهذيب بابت قدمن کي س??را??يندي چيو ته اهو دنيا کي درپيش پيچيده عالمي چئلينجن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طريقيڪار ۽ اهم محرڪ آهي.