اسلام آباد – 05 – آڪ??وب?? (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پريس بريفنگ ۾ چيو ته سيپٽمبر ۾ ڀارتي فوج 13 ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون ق??ل ۽ 157 ??هرين ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گرفتار ڪيل اڪثر ماڻهن خلاف قابض عملدارن لاڳو ڪيل ڪاري قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام ايڪٽ (يو اي پي اي) جي سخت قانونن تحت ڪيس داخل ڪيا هئا. هن چيو ته اهڙن جابراڻي قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪشميري عوام آزادي س??ن پنهنجي خودمختياري وارو حق استعمال ڪري سگهن.