لنڊن – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي ڏهين اجلاس جي موقعي تي روانڊا جي نوجوانن جي معاملن واري وزير ڊاڪٽر عبدالله اتومت وشيما سان ملا??ات ڪئي. پرڏيهي آف??س موجب ٻنهي وزيرن نوجوانن جي ترقي جا گڏيل موقعا ڳولڻ ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ٻنهي اڳواڻن مجموعي ٻطرفي تعاون جي فروغ تي پڻ اتفاق ڪيو.