اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪم??ون??ي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شهزاده حسين برهان الدين جي سربراهي ۾ بوهره ڪم??ون??ي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ حسين برهان الدين نگران وزيراعظم کي پنهنجي والد ۽ بوهره ڪم??ون??ي جي روحاني پيشوا سيدنا ڊاڪٽر مفضل سيف الدين پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي قائداعظم محمد علي جناح جا سنهري اصول آهن، جيڪي پاڪستان جو بنياد آهن ۽ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن. ملا??ات ۾ نگران وزيراعظم معاشري کي عدم برداشت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم سماجي فلاحي، تعليمي، معاشي ۽ ٻين شعبن ۾ بوهره ڪم??ون??ي جي خدمتن کي ساراهيو. و??د نگران وزيراعظم کي ڪراچي ۾ بوهره ڪم??ون??ي جي تعمير هيٺ اسپتال بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته غريب طبقي جي ڀلائي لاءِ بوهره ڪم??ون??ي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. و??د نگران وزيراعظم کي بوهره ڪم??ون??ي جي مختلف جاري ڪمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ڪراچي ۾ تعمير هيٺ دل جي مرض جي علاج لاءِ اسپتال سرفهرست آهي. نگران وزيراعظم ملا??ات ۾ لاڳاپيل عملدارن کي بوهره ڪم??ون??ي سان تعاون ۽ ان کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.