اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان هواوي پاڪستان جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اٿان سن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿان سن نگران وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هواوي پاڪستان ۾ ا??فا??ميشن ٽي??نالاجي جي ايڪو سسٽم جي ت??قي ۽ فروغ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين ۾سئو جي لڳ اڳ ا??فا??ميشن ٽي??نالاجي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. نگران وزيراعظم هواوي جي پاڪستان ۾ ا??فا??ميشن ٽي??نالاجي جي ت??ويج جي حوالي سان قدمن کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هواوي پاڪستان جي نوجوانن خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي رهندڙن ۽ عورتن جي لاءِ ا??فا??ميشن ٽي??نالاجي جي ت??بيت جي حوالي سان حڪومت جي معاونت ڪندو. هن هواوي جي پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي خواهش جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ موبائيل فون سيٽس جي تياري جو پلانٽ هڻڻ جي پڻ صلاح ڏني. ملاقات ۾ ا??فا??ميشن ٽي??نالاجي وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف پڻ موجود هو.